رئيساڻي، غوث بخش

رئيساڻي، غوث بخش

رئيساڻي غوث بخش

رئيساڻي، غوث بخش: نامور سياستدان. براهوي قبيلي رئيساڻيءَ جو سردار غوث بخش رئيساڻي، 6 سيپٽمبر 1924ع تي ضلعي قلات جي ڪوڪنگ ساراوان علائقي ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو مير اسدالله رئيساڻي هو. هن 1945ع ۾ فوج مان ڪميشن حاصل ڪئي. 1948ع تائين بلوچ ريجمينٽ ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ کانپو ءِ ميجر جي عهدي تان رٽائر ٿيو. 1949ع ۾ والد جي وفات کانپوءِ چيف آف ساراوان مقرر ٿيو. هي علائقو بلوچستان جي ضلعي ڪڇي ۽ مٿاهين قلات تي مشتمل آهي. هي 1956ع ۾ اولهه پاڪستان (ون يونٽ) اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. 1970ع جي عام چونڊن ۾ بلوچستان اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. 1971ع ۾ هن پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪئي. 29 ڊسمبر 1971ع کان 2 اپريل 1972ع تائين بلوچستان جي پهرين سول گورنر جي حيثيت ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين. مئي 1972ع ۾ خوراڪ ۽ زراعت جو وزير مقرر ٿيو ۽ 1974ع تائين ان عهدي تي ڪم ڪندو رهيو. 1977ع جي عام چونڊن ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تان بلوچستان اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. 1977ع ۾ مارشل لا لڳڻ کانپوءِ ڪجهه ڏينهن نظربند رهيو. 26 مئي 1987ع تي جڏهن هو ڪوئيٽا وڃي رهيو هو ته پنهنجي محافظن سميت کيس قتل ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1924.09.06  عيسوي

نامور سياستدان سردار غوث بخش رئيساڻي، 6 سيپٽمبر 1924ع تي ضلعي قلات جي ڪوڪنگ ساراوان علائقي ۾ پيدا ٿيو.


1987.05.26  عيسوي

نامور سياستدان سردار غوث بخش رئيساڻي کي 26 مئي 1987ع تي جڏهن هو ڪوئيٽا وڃي رهيو هو ته پنهنجي محافظن سميت کيس قتل ڪيو ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

درس محمد سچل
پير غلام رسول شاهه جيلاني
شيخ ابراهيم قاري شطاري سنڌي
جعفر علي خاصخيلي ناچيز
سيد محمد مڪي1
جمعو فقير 2
ايل وي پرانجپي
مير علي شير قانع ٺٽوي
شيخ ابراهيم بن عمر سنڌي
حال الله ڪلهوڙو اول
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون